الھيو بندر

الھيو بندر: هن ماڳ، ڦٽل بندر جا نشان اسلامي دور جا آهن ۽ تعلقي جاتيءَ ۾ ڪلڪان ڇاڻيءَ کان ارڙھن ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهن. ھي بندر الھيي خواجي جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. جيڪو ديرائي خواجن مان ھو. ھو ھڪ وڏو واپاري ھو، سندس واپار بحرين، مسقط ۽ بمبئيءَ سان ھلندو ھو. اھو بندر اورنگا بندر کان اٽڪل پنجاهه سال اڳ تائين آباد ھو. جتان مقامي مال ٻاھر موڪليو ويندو ھو. ھاڻي دڙن جي صورت ۾ آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو